سرخ ملهالو

سرخ ملهالو

سرخ ملهالو

سرخ ملهالو Isabelline Shrike (or Rufous-Tailed Shrike)/Lanius Isabellinus: هي هڪ پکيءَ جو قسم آهي. هن پکيءَ جي مٿي جو رنگ ڪنڌ تائين تيز سرخ ناسي، اک جي مٿان هلڪو اڇو پٽو ۽ چـهنب کان اک وٽان ٿيندو ڪياڙيءَ تائين گهرو ناسـي پٽو ٿـئي ٿو. پٺي پٿريلي ڀوري، ڳاڙهو سروٽي پُڇ ۽ ڳچي کان پيٽ ۽ پڇ تائين رنگ هلڪو هيڊو گلابي اٿس. هي پکي خشڪ جابلو دامن جي پٿريلي علائقي ۾ رهندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو